سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ اٺ دهشتگرد مارجي ويا، سهولتڪارن سميت پنج گرفتار

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز بنون ۽ اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ۾ اٺ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته پنج کي سهولتڪارن سميت گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 21 سيپٽمبر تي خيبر پختونخواهه جي ٻن ضلعن ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5 گرفتار ٿيا، جن ۾ سهولتڪار به شامل آهن.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته بنون جي علائقي جاني خيل ۾ پهرئين آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پنج ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ هڪ ٻي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔