پيرس ۾ ايندڙ مهيني 15 ڪروڙ سال پراڻي ڊائناسور جو ڍانچو نيلام ڪيو  ويندو

زمين جي قديم ماضي کي کولڻ جي جستجو ۾ انسانن وقت سان گڏ گڏ هڪ ذڪر لائق سفر جي شروعات ڪئي جنهن دوران انسانين زمين تي رهندڙ ڪيترين ئي مخلوقن جي باقيات جو پتو لڳايو آهي .

ان سلسلي جي هڪ ڪوشش طور پيرس ۾ ايندڙ مهيني 15 ڪروڙ سال پراڻي ڊائناسور جو ڍانچو نيلام ڪيو ويندو .غير ملڪي ميڊيا موجب هڪ اندازي موجب هن نيلامي مان 12 لک ڊالر ملڻ جي اميد آهي.عملدارن موجب هن ڊائناسور جي ڍانچي جو قد 6 فٽ ۽ ڊيگهه 16 فٽ آهي جنهن کي پهريون ڀيرو 1990 ۾ آمريڪي رياست وائيومنگ ۾ دريافت ڪيو ويو هو .

عملدارن جو چوڻ هو ته هن ڊائناسور جي ڍانچي جو مٿو 90 سيڪڙو جڏهن ته ٻيو جسم 80 سيڪڙو اصلي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔