ڪراچي ۾ ٽي تلوار تي ساگر ڪُمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو ختم

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٽي تلوار تي ساگر ڪُمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو

 صحت وارو وزير سعد خالد مظاهرين سان ڳالهين لاءِ پهتو، صوبائي وزير خاطري ڪرائي ته ڌرڻي جي اڳواڻن کي اڄ وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪرائي مغوين جي بازيابي وارو معاملو اٿاريو ويندو

 صحت واري وزير جي اهڙي خاطري بعد اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، مظاهرين چيو ته گهرو وزير جو وعدو ۽ پوليس جون خاطريون ڪوڙيون ثابت ٿيون، مغوي هيل تائين بازياب نه ٿيا آهن

 ڌرڻي ۾ ذوالفقار ڀٽو جونيئر، زين شاهه، شيما ڪرماڻي ۽ ٻين جي به شرڪت، ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته سنڌ جا هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن، پريا ڪماري اسان جي نياڻي آهي ۽ اسان اقليتن سان گڏ آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔