ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ سرڪاري اهلڪار ملوث نڪتا، رپورٽ وزيراعظم آفيس ۾ جمع

اسلام آباد:ڪرنسي ۽ تيل کان پوءِ هاڻ کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ اسمگلنگ جي رپورٽ به وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

ذريعن موجب کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي پاڪستان کان اسمگلنگ جي باري ۾ تفصيل رپورٽ جو حصو آهن. جڏهن ته ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ جي اسمگلرز ۽ سرڪاري اهلڪارن جا تفصيل به رپورٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ 592 ذخيرو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ 26 اسمگلرز شامل آهن.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال آءِ بي 417 رپورٽون لاڳاپيل کاتن ڏانهن اماڻيون. ڳجهي اداري جي نشاندهي تي 90147 ميٽرڪ ٽن ذخيرو ٿيل ۽ اسمگلنگ ٿيندڙ ڪڻڪ قبضي ۾ ورتي وئي.

ذريعن موجب رپورٽ ۾ اسمگلرز جي مدد ڪندڙ 259 اهلڪارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. صوبائي حڪومت ۾ مقرر اهلڪار اسمگلرز ۽ ذخيرو ڪندڙن جي مدد ڪندا آهن.

رپورٽ موجب پنجاب ۾ 272 سنڌ ۾ 244 ۽ ڪي پي ڪي ۾ 56 سرڪاري اهلڪار اسمگلرز جا مددگار آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ 15 ۽ اسلام آباد ۾ 5 اهلڪار اسمگلرز جا ساٿي بڻيل آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ حساس اداري جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ايراني تيل جي ڪاروبار ۾ 29 سياستدان به ملوث آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔