پشاور: سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو: 8 ڄڻا زخمي

پشاور: پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب درسڪ روڊ تي ٿيل ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي نشانو بنايو ويو. ريسڪيو ترجمان موجب ڌماڪي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين ۾ 5 اهلڪار ۽ 3 شهري شامل آهن.

زخمين کي طبي امداد جي لاءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ جو گهيراءُ ڪري شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔