بلديه فيڪٽري سانحو: رحمان بهولا ۽ زبير چريا جون ڦاهي جي سزا خلاف اپيلون رد، رئوف صديقي بري

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ جوابدار رحمان بهولا ۽ زبير چريا جون ڦاهي جي سزا خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي کي بري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه فيڪٽري سانحي ۾ داخل اپيلن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت جوابدار رحمان بهولا ۽ زبير چريا جون ڦاهي جي سزا خلاف داخل ڪيل اپيلون رد ڪري ڇڏيون. جڏهن ته رئوف صديقي سميت 4 جوابدارن جي بريت جي خلاف سرڪار جي اپيل به رد ڪري ڇڏي. عدالت رئوف صديقي کان علاوه عبدالستار، اقبال اديب خانم ۽ عمر حسن جي بريت خلاف سرڪار جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون.

ان کان علاوه سنڌ هاءِ ڪورٽ عمرقيد جي سزا وارن 4 جوابدارن جون اپيلون منظور ڪري ورتيون. عدالت شاهه رخ، فضل، ارشد محمود ۽ علي محمد جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدارن جي عمر قيد خلاف اپيلون منظور ڪيون.

ياد رهي ته 11 سيپٽمبر 2021 تي بلديه ٽائون فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 259 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جنهن ۾ عدالت فيڪٽري مالڪ ۽ مئنيجر کي ڦاهي جي سزا جو حڪم ٻڌايو هو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي سميت ٻين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔