قائداعظم جي 75هين ورسي اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

لاهور: برصغير جي مسلمانن کي ڌار سڃاڻپ  ڏيندڙ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 85هين ورسي اڄ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.  قائداعظم جي مزار تي قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو آهي.  وڏي وزير ۽ سنڌ جي گورنر سندس مزار تي حاضري ڏني.

پاڪستان جي باني جي مزار تي تقريبن جي شروعات قرآن خواني کان ٿي جنهن ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه ۽ قائداعظم مينجمينٽ بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. جنهن کان پوءِ وڏي وزير ۽ سنڌ جي گورنر کان علاوه ٽنهي هٿياربند فوج جي نمائندن ۽ ڊي جي رينجرز مزار تي حاضري ڏني

قائداعظم محمد علي جناح برصغير جي مسلمانن کي ڌار سڃاڻپ ڏني. قائداعظم پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ 11 سيپٽمبر 1948 تي پنهنجي وفات تائين ملڪ جو پهريون گورنر جنرل رهيو. هن کي اسان کان وڇڙندي 75 سال گذري چڪا آهن. قائداعظم جي آخري آرام گاهه ڪراچي ۾ آهي. قائداعظم جي مزار جي احاطي ۾ ئي ايوان نوادرات آهي جتي سندس استعمال هيٺ سامان موجود آهي.

قائداعظم جي ميوزيم کي حاجي محمد حنيف طيب 1988ع ۾ تعمير ڪرايو هو جتي قائداعظم محمد علي جناح جي قلم کان وٺي ڪار تائين هر شيءَ محفوظ آهي. قائداعظم آزاد ملڪ ته حاصل ڪري ورتو پر حياتي هن سان وفا نه ڪئي. پاڪستان جي ٺهڻ جي هڪ سال کان پوءِ ئي 11 سيپٽمبر 1948تي پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح لاڏاڻو ڪري ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔