پاڪ افغان ڳالهيون ناڪام: طورخم بارڊر ڇهين ڏينهن به بند

اسلام آباد:پاڪستان ۽ افغان اختيارين وچ ۾ طورخم بارڊر کولڻ لاءِ ڳالهيون بنا نتيجي جي ختم ٿي ويون آهن. جڏهن ته سرحدي گذر گاهه ڇهين ڏينهن به لاڳيتو بند آهي.

طورخم سرحدي گذر گاهه 6 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ افغان فورسز وچ ۾ چڪرين کان پوءِ بند ڪئي وئي ئي. چڪريون ان وقت شروع ٿيون هيون جڏهن افغان فورسز پاڪستاني حدن ۾ هڪ چوڪي تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پاڪستاني فوج ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي روڪي ڇڏيو هو

افغانستان جي طالبان حڪومت جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران اسان جا 2 سرحدي محافظ مارجي ويا آهن. اهڙي واقعي کان پوءِ سرحد لاڳيتو بند آهي. ٻنهي ملڪن جي اختيارين وچ ۾ سرحد کولڻ جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون پر انهن جو ڪوبه نتيجو نه نڪري سگهيو.

ذريعن موجب پاڪستاني اختيارين افغان عهديدارن کي ٻڌايو آهي ته سرحد کولڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي ڪرڻو آهي. پاڪستاني حڪومت طرفان  انهي معاملي تي اڃان تائين ڪوبه بيان سامهون نه آيو آهي. جڏهن ته ڪجهه پاڪستاني عهديدارن پنهنجي طور تي ٻڌايو آهي ته پاڪستان پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي تعميراتي ڪم جي اجازت نه ڏيندو. ڇو ته اها پاڪستان جي خودمختياري جي خلاف آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔