دنيا جي سڀني کان وڌيڪ قيمتي چانهه جي ڪيٽلي، قيمت 88 ڪروڙ روپيا

لنڊن: ڪيترن ئي سالن کان دنيا جي سڀني کان وڌيڪ قيمتي چانهه جي ڪٽلي جو ذڪر جاري آهي پر هاڻ هن ڪٽلي جي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ طرفان باضابطه طور تي تائيد ڪئي وئي آهي.

هن قيمتي ڪٽلي کي دي ايگوينسٽ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن وقت اها ڪٽلي اين سينهيا فائونڊيشن وٽ آهي جيڪا 18 قيراط سون تي ٻڌل آهي جنهن تي قيمتي هيرا به لڳايا ويا آهن. 9 آگسٽ تي هن چمڪندڙ ڪٽلي کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ دنيا جي سڀني کان مهانگي ڪٽلي جي باقاعده سند ڏني آهي. اهڙي طرح ڪٽلي جي قيمت 88 ڪروڙ روپين کان به وڌيڪ آهي

هن ڪٽلي جي مرڪز ۾ 6.97 قيراط جو ياقوت(روبي) پٿر لڳل آهي ڪٽلي تي تراشيل هيرن کي انتهائي مهارت سان ڪٽي لڳايو ويو آهي. ڪٽلي جو هڪ حصو هاٿي جي ڏندن سان ٺاهيو ويو آهي جيڪو هن جي خوبصورتي کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي.

ڪٽلي جي چوڌاري 18 قيراط سون ۽ ان جو پاڻي چڙهايو ويو آهي. ڪٽلي جي اندر جو حصو به سون تي ٻڌل آهي.

ڪٽلي تي ٽوٽل 1658 هيرا لڳايا ويا آهن جڏهن ته  هن ۾ لڳل ياقوت خاص طور تي برما ۽ ٿائيلينڊ مان گهرايا ويا آهن. ڊالرن ۾ هن جي قيمت 30 لک ڊالر جي برابر هوندي.

ڪٽلي جو مالڪ نرمل سيٺهيا آهي جنهن جو تعلق ڀارت سان آهي ۽ هو هن وقت برطانيه ۾ رهائش پذير آهي نرمل سيٺيهيا هڪ فائونڊيشن به هلائيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔