ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي خلاف ملندڙ فنڊز ۽ خرچن جا تفصيل سامهون اچي ويا

پشاور: خيبرپختونخواهه کي دهشتگردي جي خلاف جنگ جي مد ۾ ملندڙ فنڊز ۽ انهن جي خرچن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.

سامهون ايندڙ دستاويزن موجب  خيبرپختونخواهه کي دهشتگردي جي خلاف جنگ جي مد ۾ 2010 کان وٺي هينئر تائين 415 ارب 50 ڪروڙ روپين جا فنڊ مليا جيڪي دهشتگردي سبب متاثر  ٿيل علائقن ۾ استعمال ڪيا ويا.

دستاويزن موجب فنڊ تباهه ٿيل روڊن، پلن، اسڪولن ۽ پوليس اسٽيشنز جي نئين سري سان تعمير تي خرچ ڪيا ويا. جڏهن ته 90 ارب 80 ڪروڙ روپيه نان سيلري بجيٽ جي مد ۾ ۽ 15 ارب 92 ڪروڙ روپيه جاني نقصان جي ازالي جي مد ۾ ڏنا ويا.

دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ارب 70 ڪروڙ روپيه دهشتگردي جي انت واري عدالتن تي خرچ ڪيا ويا. 17 ارب 20 ڪروڙ روپيه سيڪيورٽي الائونسز ۽ 33 ارب 99 ڪروڙ روپيه سيڪيورٽي بابت  منصوبن تي خرچ ڪيا ويا.

ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف 415 ارب روپين جي فنڊز جو اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن جي لاءِ ڪي پي ڪي جي ناڻي کاتي فنڊز جي خصوصي آڊٽ ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔