ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون: آزاد اميدوارن سرسي حاصل ڪري ورتي

پشاور: خيبرپختونخواهه جي 21 ضلعن ۾ 65 وليج ۽ نيبريڊ ڪائونسلن جي ڪيترين ئي خالي سيٽن تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ سمورين 72 سيٽن جا غير حتمي نتيجا سامهون اچي ويا آهن.

آچر تي ڪي پي ڪي جي ضلعي پشاور، نوشهره، چارسده، خيبر، مردان، ڪوهاٽن، بنون، لکي مروت، ڊي آءِ خان، ٽانڪ، ايبٽ آباد، هري پور، مانسهره، بٽ گرام، تورغر، سوات، شانگلا، مالاڪنڊ، دير، اپر دير، لوئر دير،  باجوڙ ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي لاءِ پولنگ ٿي. مڪاني چونڊن لاءِ 256 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا هئا

غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب خيبرپختونخواهه ۾ 72 سيٽن تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جي وڏي انگ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. آزاد اميدوار 40 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.  جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف 14 سيٽن تي  ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته جي يو آءِ 6 سيٽون کٽي ورتيون.

جماعت اسلامي 5 ۽ عوامي نيشنل پارٽي 4 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي کي 2 ۽ ٽي ايل پي کي 1 سيٽ تي ڪاميابي ملي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔