بجليءَ جي ڳرن بلن بابت نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ اڄ ٻيهر اجلاس ٿيندو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ بجليءَ جي ڳرن بلن بابت اڄ ٻيهر اجلاس ٿيندو

 گذريل ڏينهن وزيراعظم پاران ڪوٺايل هنگامي اجلاس ۾ عوام کي فوري رليف ڏيڻ بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو هو

اڄوڪي اجلاس ۾ جولاءِ جي ڳرن بلن بابت صوبن جي وڏن وزيرن سان تفصيلي مشاورت ڪئي ويندي

نگران وزيراعظم بجليءَ جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت ٺوس قدمن لاءِ 48 ڪلاڪن اندر تجويزون طلب ڪيون آهن

گذريل ڏينهن نگران وزيراعظم چيو هو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وزيراعظم هنن جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪن

اجلاس ۾ چيو ويو ته نگران حڪومت اٻهرائپ ۾ اهڙو ڪو به قدم نه ٿي کڻڻ چاهي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔