بغاوت ڪيس: ايمان مزاري ۽ علي وزير جي ضمانت منظور، آزاد نه ٿي سگهيا

اسلام آباد: اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت هڪ ٻئي ڪيس ۾ علي وزير ۽ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ايمان مزاري ۽ علي وزير خلاف ڌمڪي، اشتعال ۽ بغاوت جي ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پراسيڪيوٽر طرفان راجا نويد پيش ٿيو جڏهن ته ان موقعي تي ايمان مزاري جي والده شيرين مزاري به عدالت ۾ موجود هئي.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته ايمان مزاري جي جلسي ۾ هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا. ايمان تقرير ۾ چيو ته رياستي آفيسرن غداري ڪئي آهي. ايمان مزاري جي تقرير واري يو ايس بي به هاڻ سامهون آئي آهي.

ان دوران ايمان مزاري ۽ علي وزير جي وڪيلن عدالت  کي ضمانت جي استدعا ڪندي دليل ڏنا جنهن تي عدالت ٻنهي جي 30-30 هزار روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔