اتر وزيرستان ۾ چيڪنگ ٽيم مٿان آپگهاتي حملو، 2 ڄڻا مارجي ويا

پشاور: اتر وزيرستان ۾ چيڪنگ ٽيم مٿان آپگهاتي  حملي دوران 2 ڄڻا مارجي ويا. پوليس اختيارين موجب غلام خان واري علائقي سيدگي ۾ بم ڊسپوزل جي گاڏي ويجهو ڌماڪ ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ واٽهڙو زال مڙس مارجي ويا.

ڊي پي او موجب آپگهاتي ڌماڪي دوران واٽهڙو زال مڙس مارجي ويا. فورسز ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. هوڏانهن صوابي ۾ به نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو.

ٻئي طرف پشاور ۾ پوليس موبائيل تي فائرنگ سبب هڪ اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا. جاچ ٽيم موجب حملو ڪندڙ پوليس ٽيم تي حملي جي لاءِ اڳواٽ ئي ناڪابندي ڪري بيٺل هئا. دهشتگردن ويجهو اچڻ شرط پوليس ٽيم کي نشانو بڻايو.

جاچ ٽيم موجب واقعي واري هنڌان ڪلاشنڪوف جي گولين جا خول مليا آهن. حملو ڪندڙ فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا. دهشتگردي جي واقعي بابت سي ٽي ڊي کي خط اماڻيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔