پي ٽي آءِ چيئرمين بهتر سهولتن واري هاءِ سيڪيورٽي سيل نمبر 2 منتقل

اٽڪ:  توشه خانه ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ملڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي بهتر سهولتون ڏيندي هاءِ سيڪيورٽي سيل نمبر ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. طبي معائني جي لاءِ 3 شفٽن ۾ ميڊيڪل آفيسر کي به 24 ڪلاڪن جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. جيل جي اندر ۽ ٻاهران به سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين گرفتاري جي ٻئي رات به سڪون سان گذاري. تهجد ۽ فجر جي نماز جي ادائيگي کان پوءِ هُن ننڊ پوري ڪئي.

عمران خان کي جيل جي هاءِ سيڪيورٽي سيل نمبر ون کان هاءِ سيڪيورٽي سيل نمبر 2 ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. سيل نمبر 2 جي ڪمري جو سائيز سيل ون جي ڪمري کان وڏو آهي جتي کيس ڪرسي، ميز، کٽ ۽ گدي جي سهوليت به ڏني وئي آهي

سيل نمبر 2 جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. جيل کاتي جا ڪمانڊوز پنهنجي ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن جڏهن ته سيل جي ٻاهرين طرف ڪلوز سرڪٽ ٽي وي ڪيمرائن تان به مانيٽرنگ جاري آهي. جيل سپرنٽينڊنٽ جي اجازت کان سواءِ  ڪنهن به جيل جي آفيسر کي سيل نمبر 2 ۾ وڃڻ جي اجازت نه آهي

جيل ۾ گرفتاري دوران عمران خان معمول موجب تهجد ادا ڪيا جنهن کان پوءِ فجر جي نماز ادا ڪري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي. جيل ۾ ميڊيڪل معائني جي لاءِ اٽڪ اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ٽيم 3 شفٽن دوران 24 ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي. 8-8 ڪلاڪن جي هر شفٽ جو ميڊيڪل آفيسر 3 ڀيرا وزٽ ڪري عمران خان کي چيڪ ڪندو آهي ۽ زباني مسئلو به پڇا ڪيو ويندو آهي.

اهڙي طرح ريسڪيو 1122 جي ايمبولينس به پيرا ميڊيڪل عملي سان گڏ 24 ڪلاڪ جيل جي ٻاهر موجود آهي. ڊسٽرڪٽ جيل اٽڪ جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي جيل ڏانهن وڃڻ لاءِ 3 رستا آهن. ٽنهي کي عام ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. صرف انتهائي ضروري گاڏي کي چيڪنگ کان پوءِ اتان کان گذاريو پيو وڃي. عمران خان گرفتاري دوران مطمئن رهيو، هو پاڻ سان گڏ آندل ڪتب جو  مطالعو به ڪندو رهيو.

پي ٽي چيئرمين سان اٽڪ جيل ۾ سندس قانوني معاملن واري ترجمان نعيم پنجوتها ملاقات ڪئي ۽ کانئس طبيعت پڇا ڪئي. نعيم پنجوتها پي ٽي آءِ چيئرمين کان پاور آف اٽارني تي صحيحون ڪرايون ڪرائيندو ۽ ان کان ڪپڙن ۽ ٻين ضروري شين جو به پڇندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔