ڪور ڪمانڊر هائوس حملي ۾ ڪير ملوث هو؟ صمصام بخاري جي آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي

اسلام آباد: صمصام بخاري جي مبينه آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي آهي جنهن تهلڪو مچائي ڇڏيو آهي. صمصام بخاري آڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته 9 مئي جي واقعي کان 3 ڏينهن اڳ اسان ڪور ڪميٽي جو اجلاس گهرايو هو.

صمصام بخاري چيو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ قاسم سوري، شهريار آفريدي، مراد سعيد ۽ ٻيا شامل هئا. انهن اجلاس ۾ اهو طئي ڪري ورتو  هو ته احتجاج فوج جي خلاف ڪرڻو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مان طبيعت خراب هجڻ سبب اتي موجود نه هئس، جڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته مون کي اندازو هو ته هاڻ وڏو فساد ٿيندو مون انهن کي چئي ڇڏيو ته مان اوڪاڙه ۾ آهيان نٿو اچي سگهان.

صمصام بخاري مبينه آڊيو ۾ چيو ته هنن ماڻهن ڪور ڪمانڊر هائوس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته شفقت محمود کين منع ڪيو ته اتي نه وڃو پر انهن ڪنهن جي به نه ٻڌي.

ٻئي طرف عطا تارڙ پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ صمصام بخاري جي مبينه آيو ٻڌرائي ڇڏي. عطا تارڙ چيو ته صمصام بخاري 9 مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ملوث هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔