ويزا نه مليو ته ڇا ٿيو؟ ڀارتي نوجوان ڪراچي جي ڇوڪريءَ سان آن لائن نڪاح ڪري ورتو

گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا سميت ڀارتي ۽ پاڪستاني ميڊيا تي ٻن واقعن جو تمام گهڻو چرچو هو، ڀارت مان انجو نصرالله جي لاءِ پاڪستان هلي پهتي، پاڪستان مان سيما حيدر پنهنجي چار ٻارن سميت سچن سان پيار ۾ ڀارت هلي وئي

هاڻ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڀارتي نوجوان پاڪستاني ڇوڪري سان محبت ۾ سرحد پار ڪري پاڪسان اچڻ چاهيو پئي ته پوليس کيس روڪي ورتو

ڀارتي اخبار انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست راجستان جي شهر جوڌپور جي هڪ نوجوان ڪراچي جي هڪ ڇوڪري سان آن لائن نڪاح ڪيو آهي، رسم ٻنهي ملڪن جي ججن جي موجودگي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عورت جي گهرڀاتين کان علاوه وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ڇوڪرو ۽ ڇوڪري آن لائين شريڪ ٿيا

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ويزا جي عمل ۾ پيچيدگين سبب ٻنهي خاندانن ورچوئل شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ٿيو ائين جو جڏهن ڪنوار آمنه کي ڀارت جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون ته گهوٽ ارباز فيصلو ڪيو ته شادي اهڙي طريقي سان ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔