وفاقي حڪومت پاران پيمرا ترميمي بل واپس وٺڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سينيٽر فوزيه ارشد جي سربراهي ۾ سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾  اطلاعات واري وزير چيو ته پيمرا جي پراڻي ڪاري قانون کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿي ان لاءِ پيمرا ترميمي آرڊيننس آندو هو. ترميمي بل تي صحافي برادري کي خدشا آهن ان لاءِ پيمرا ترميمي بل واپس وٺڻ جو اعلان ڪريان ٿي.

مريم اورنگزيب چيو ته نيون تجويزون به اچي رهيون آهن. بهتر آهي ته ايندڙ حڪومت هن بل کي ڏسي، مختصر وقت ۾ بل تي فيصلو ڪرڻ کان بهتر آهي ته هن کي تفصيل سان ڏٺو وڃي.. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي  سُڌ سماءُ بابت قائمه ڪميٽي پيمرا ترميمي بل 2023 منظور ڪيو هو جنهن جي پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن به آجيان ڪئي هئي. پر صحافي برادري طرفان پيمرا ترميمي بل تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ويو هو ته هن بل جي حوالي سان صحافي تنظيمن سان ڪنهن به قسم جي مشاورت نه ڪئي وئي آهي.

مريم اورنگزيب گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي به صحافين کي يقين ڏياريو هو ته جيڪڏهن پيمرا بل جي هڪ شق تي به صحافي برادري کي خدشا آهن ته خدشا ختم ٿيڻ تائين هن بل کي پاس نه ڪيو ويندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔