سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي: آغا سراج دراني

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته  سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. وڏي وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻن سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪنداسين.

سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني غيرقانوني اثاثن جي ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. ريفرنس ۾ نامزد گلبهار لوهار ۽ ٻيا 8 جوابدار غير حاضر رهيا. عدالت پيش نه ٿيندڙ جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

احتساب عدالت ريفرنس ۾ نامزد جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته وزيراعظم شهباز  شريف 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي پر سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن اڳواڻن سان مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪنداسين. مشاورت نه ٿي سگهي ته معاملو ڪميٽي ڏانهن ويندو. ڪميٽي ۾ به جيڪڏهن فيصلو نه ٿي سگهيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن هليو ويندو.

آغا سراج دراني چيو ته اسپيڪر شپ جو سمورو دور  مون جيل ۾ گذاريو آهي. آئين مون کي اجازت ڏني آهي ته مان جيل ۾ ويهي اسيمبلي جو اجلاس هلايان، اسيمبلي ميمبرن جي شروع کان ئي ڪارڪردگي بهتري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔