اسلام آباد: بجلي صارفين تي 44 ارب 68 ڪروڙ روپين جو اضافي بار وجهڻ جي تياري ڪئي وئي آهي. بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين صارفين تي اضافي بار وجهڻ لاءِ نيپرا سان رابطو ڪري ورتو. نيپرا اٿارٽي ڊسڪوز جي درخواست تي 23 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فيسڪو 23 ارب 49 ڪروڙ، گيپڪو 16 ارب 13 ڪروڙ جو اضافو گهريو آهي. حيسڪو ۽ آئيسڪو 9-9 ارب روپين جي اضافي جي درخواست ڏني.
ليسڪو 31 ارب ميپڪو 27 ارب روپين جو اضافي بار وجهڻ جي درخواست ڏني آهي. پيسڪو 9 ارب، ڪيسڪو 7 ارب، سيپڪو 5 ۽ ٽيسڪو 4 ارب روپين جو اضافو گهريو آهي.
- شيئر