110 ورهين جي پيرسن عورت اسڪول ۾ داخلا وٺي ڇڏي

رياض : شوق جي ڪا به قيمت ناهي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪا به عمر ناهي هوندي ۽ اها ڳالهه سعودي عرب جي هڪ 110 ورهين جي پيرسن عورت سچ ثابت ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب البيشا گورنري سان واسطو رکندڙ خالا نوضاءَ القحطاني جي عمر 110 ورهيه آهي هن پنهنجي اڌ ۾ ڇڏيل تعليم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ داخل ورتي آهي.

خالا نوضاءَ القحطاني جو چوڻ آهي ته جلد شادي ٿيڻ سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي. پوءِ ٻار ٿيا، انهن جو ذميواريون نڀائيندي نڀائيندي عمري گذري وئي پر هر وقت تعليم مڪمل نه ڪري سگھن تي پڇتاءُ رهندو هو.

هن چيو ته آئون ان موقعي جي ڳولا ۾ هيس ته ڪڏهن مون کي ان عمر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگھندو. حڪومت بالغن جي تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ته ڄڻ منهنجي من جي  مراد پوري ٿي وئي

خالا نوضاءَ القحطاني هاڻ اسڪول ۾ دنياوي تعليم ئي نه پر ديني تعليم به حاصل ڪري رهي آهي ۽ هوءَ گھڻي خوش آهي ته کيس هن عمر ۾ سکڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.

سندس گھرڀاتين به ان تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. اسڪول انتظاميا به خالا نوضاءَ القحطاني جي ڪارڪردگي مان گھڻي متاثر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔