ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عزاداري جو سلسلو جاري

ڪراچي : ڪربلا جي رڻ ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال قربانيون ڏيندڙ حضرت امام حسين عليه سلام ۽ سندس جانثارن جي ياد ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي

 مختلف شهرن مان نائين محرم الحرام جا ماتمي جلوس برآمد ٿي رهيا آهن، ڪراچي ۾ نشتر پارڪ مان نائين محرم جو مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو

کارادر جي امام بارگاهه حسينيه ايرانيان ۾ نهر ٿيندو، اسلام آباد، پشاور، لاهور ۽ ڪوئيٽا مان به ماتمي جلوس برآمد ٿي رهيا آهن

 روهڙي جي تاريخي شمع گل ماتمي جلوس ۾ لکين عزادار شريڪ ٿيا، پيهه دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب هڪ عزادار آغا شاهزيب پٺاڻ فوت ٿي ويو، 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا

حيدرآباد جي مختلف علائقن مان به ماتمي جلوس برآمد، نسيم نگر ۾ سيد راشد شاهه ۽ سول لائين ٽنڊو جهانيان ۾ عزادرن پاران ٽانڊن تي ماتم، مورو ويجهو ڳوٺ ماستر مولا بخش کوسي ۾ عزادارن ٽانڊن تي ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي

 سن ويجهو آمري مان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، تنگواڻي ۾ به ماتمي جلوس برآمد ٿيو، عزادارن پاران نوحه خواني ۽ سينا زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش، پکو،  ڪوٽ لالو ۽ ٻين شهرن مان به ماتمي جلوس برآمد ٿيو

 قاضي احمد ۾ عزادارن پاران تلوارن ۽ گُرزن جو ماتم، دوداپور، ڄام صاحب ۽ بهرام مان به ماتمي جلوس برآمد، حيدرآباد، سکر، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، دادو ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ موبائل فون سروس معطل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔