بجلي جي قيمت ۾ ساڍا 7 روپيا واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:وفاقي سرڪار بجلي جي قيمت ۾ ساڍا 7 روپيه في يونٽ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڪي اليڪٽرڪ  سميت سمورين بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي صارفين تي لاڳو هوندو.

نيپرا جي اجازت کان پوءِ وفاقي حڪومت بجلي جي قيمت ۾ 3 روپين کان ساڍا 7 روپيه في يونٽ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 100 يونٽ تائين ٽيرف ۾ 3 روپيه اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ 100 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي 16.48 روپيه في يونٽ بجلي ملندي. ماهوار 101 کان 200 يونٽ تائين جو ٽيرف 4 روپيه اضافي سان 22.95 روپيه في يونٽ ٿي ويو.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ماهوار 300 يونٽ تائين جو ٽيرف 5 روپيه اضافي سان 27.14 روپيه، 400 يونٽ جو ٽيرف 6.50 روپيه اضافي سان 32.03 روپيه في يونٽ ۽ ماهوار 500 يونٽ جو ٽيرف 7.50 روپيه اضافي سان 35.24 روپيه ٿي ويو.

نوٽيفڪيشن موجب ماهوار 600 يونٽ جو ٽيرف 7.50 روپيه اضافي سان 36.66 روپيه ۽ ماهوار 700 يونٽ کان وڌيڪ جو ٽيرف 7.50 روپيه اضافي سان 42.72 روپيه في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. سيلز ٽيڪس کان پوءِ وڌ کان وڌ في يونٽ ٽيرف 50.41 روپيه هوندو. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته لائف لائن صارفين لاءِ بجلي جون پراڻيون قيمتون برقرار رهنديون جڏهن ته اهڙو اعلان بجلي جي ورهاست ڪندڙ سمورين ڪمپنين سميت ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔