ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ وڏي واڌ

اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ هفتيوار بنياد تي 3.73 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب گذريل هفتي مهانگائي جي شرح ۾ 3.73 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو سالياني بنيادن تي 29.21 سيڪڙو تي پهچي ويو.
رپورٽ موجب گذريل هفتي 20 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، مختلف شهرن ۾ کنڊ جو اگهه 135 کان 160 رپيا في ڪلو رڪارڊ ڪيو ويو.
جڏهن ته مرغي جو اگهه 368 رپين مان 580 رپيا في ڪلو ٿي ويو.
انگن اکرن موجب گذريل هفتي دوران انڊا، ٽماٽا، مرچ، ٿوم، پٽاٽا، بصر ۽ ڳڙ مهانگا ٿيا.
بجلي ۽ ايل پي جي جا اگهه به وڌي ويا.
رپورٽ موجب هڪ سال ۾ ڪڻڪ جو اٽو 132 سيڪڙو، چانهه 98 سيڪڙو، چانور 79 سيڪڙو، کنڊ 63 سيڪڙو، پٽاٽا 62 سيڪڙو، ٽماٽا 60 سيڪڙو، ڳڙ 57 سيڪڙو مهانگو ٿيو.
شماريات کاتي موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪڪڙ جي گوشت ۽ ڳاڙهي مرچن جي اگهن ۾ 55 سيڪڙو، سگريٽن جي اگهن ۾ 110 سيڪڙو، گيس جي اگهن ۾ 108 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔