مهوش حيات سان سٺي دوستي آهي ڪي ٻيا جذبا ناهن: حسن شهريار

ڪراچي: پاڪستان جي مشهور ڊزائنر ۽ اداڪار حسن شهريار ياسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کيس بندوق جي زور تي شادي ڪرڻ لاءِ چيو ته هو اداڪارا مهوش حيات جي چونڊ ڪندو
هڪ ٽي وي پروگرام ۾ هن چيو ته منهنجو ننڍپڻ آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ گذريو، بعد ۾ جڏهن لنڊن ۾ هئاسين ته مان پنهنجي ماءُ جي ڪلهي تي ويٺي برطانوي شهزادي ڊيانا جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ويس مون کي اهو منظر اڄ به ياد آهي. مان ان وقت ڪافي جوان هئس، شهزادي ڊيانا ميڙ ۾ سفيد لباس ۾ خوبصورت نظر اچي رهي هئي، جنهن جي ماڻهو ساراهه ڪري رهيا هئا
شادي تان گهر واپس اچڻ بعد مون ٽشو پيپر جي مدد سان شهزادي ڊيانا جهڙو لباس ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ ان کي پنهنجي ڀيڻ جي گڏي تي لڳايو
هن چيو ته ‘ نيو يارڪ ۾ پڙهيس ۽ 12 سالن جي عمر ۾ نيويارڪ ۾ گهٽين ۾ فرينچ فرائز وڪڻڻ ۽ لائبريري ۾ ڪم ڪري پئسا ڪمائڻ شروع ڪيا هن چيو ته مهوش حيات لاءِ ٻيا جذبا نه آهن پر اسان جي دوستي تمام مضبوط ۽ شاندار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔