معاشي ترقي لاءِ پهرين شرط شريف ۽ زرداري خاندان کي اقتدار کان ٻاهر ڪرڻ آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سينئر سياستدان ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪي معاشي ترقي لاءِ پهرين شرط شريف ۽ زرداري خاندان جو اقتدار کان ٻاهر هجڻ آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن لکيو آهي ته پي ڊي ايم جي موجوده حڪومت عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) کان قرض وٺڻ کان پوءِ هڪ طرف بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ڪري ڇڏي آهي ته ٻئي طرف نوڪر شاهي لاءِ مراعتن سان گڏ اسيمبلي ميمبرن لاءِ ترقياتي فنڊ جاري ڪيو ويو.
فواد چوڌري وڌيڪ چيو آهي ته ڇا اها معاشي پاليسي آهي جيڪا پاڪستان کي معاشي دلدل مان ٻاهر ڪڍندي.
اڳوڻي اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي صرف تڏهن ٿيندي جڏهن شريف ۽ زرداري خاندان حڪومت ۾ نه هجي پوءِ چاهي اها مشرف جي حڪومت هجي يا تحريڪ انصاف جي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔