جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب جي ڊي اي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار رعنا انصار نقوي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي جنهن ذريعي ايم ڪيو ايم جو اپوزيشن اڳواڻ آندو ويندو.
ان حوالي سان ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا دوست اسان وٽ آيا هئا. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ٿي ويو آهي.
جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جي ڊي اي اڳواڻن وچ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي نالي تي ڳالهيون ٿيون آهن. اسان ماضي ۾ به سنڌ جي معاملن تي گڏ ٿيندا رهيا آهيون. ايوان ۾ اپوزيشن اڳواڻ جو اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جي ڊي اي جا ميمبر ڪافي سرگرم آهن. ان حوالي سان اسان جا 3 کان 4 اجلاس ٿي چڪا آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اپوزيشن اڳواڻ جي حمايت ڪنداسين.
ڊاڪٽر صفدر عباسي وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اڻڌري نگران حڪومت قائم ٿئي. اسان پنهنجي ڀيڻ(رعنا انصار نقوي) کي ووٽ ڏئي رهيا آهيون اميد ته اها سنڌ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي. جهڙي طرح پيپلز پارٽي سنڌ کي برباد ڪيو آهي ان جو حساب ضرور ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔