حڪومت ايندڙ مهيني مُدو پوري ڪري رهي آهي، چاهيون ٿا ته نظام جاري رهي ۽ عبوري حڪومت اچي: وزيراعظم شهباز شريف

حڪومت ايندڙ مهيني مُدو پوري ڪري رهي آهي، چاهيون ٿا ته نظام جاري رهي ۽ عبوري حڪومت اچي، آئين موجب عوام کي حق آهي جنهن کي به مينڊيٽ ڏئي، هي وقت چئلينجز کي قبول ڪندي اڳتي وڌڻ جو آهي، اهو ڏُکيو آهي پر ناممڪن ناهي، وزيراعظم شهباز شريف جي صنعتڪارن ۽ واپارين سان ڳالهه ٻولهه

وزيراعظم چيو آهي ته اسان جي حڪومت 15 مهينا آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيا، اهو بهتر لاڳاپن جو نتيجو آهي جو آمريڪي پرڏيهي وزير آءِ ايم ايف سان معاهدي جي آجيان ڪئي آهي، اسان کي 9 مهينن جي مهلت معاملا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ملي آهي

آءِ ايم ايف معاهدو اِنڪري به اهميت وارو آهي جو اسان ڏيوالي کان بچي ويا آهيون، چين جي مدد کانسواءِ معاهدو ممڪن نه هو، اسان کي ٽئڪسيشن جي بنيادي اسٽرڪچر ۾ سڌارا آڻڻا پوندا، ٽئڪس اوڳاڙي کي لازمي وڌائڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔