ليگز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 مقامي رانديگر کڻڻ لازمي قرار

ڊربن: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) مينز ۽ وومينز ايونٽن لاءِ هڪجيتري انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، مينز ۽ وومينز ايونٽن لاءِ هڪجيتري انعامي رقم جو اعلان ڊربن ۾ آءِ سي سي جي سالياني اجلاس دوران ڪيو ويو

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، اوور ريٽ جي پابندين ۽ ڏنڊ ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي، آءِ سي سي موجب، رانديگرن تي ميچ فيس جي پنج سيڪڙو جي برابر ڏنڊ هنيو ويو، اوور ريٽ جي وڌ کان وڌ سزا ميچ فيس جو پنجاهه سيڪڙو حصو هوندو. آءِ سي سي پڌرائي موجب، ڪائي ٽيم اسي اوورن تائين پهچڻ کان اڳ ئي آئوٽ ٿي ويندي ته اوور ريٽ ڏنڊ نه هنيو ويندو

آءِ سي سي چيئرمين گريڪ بارڪلي مينز ۽ وومينز ايونٽن لاءِ هڪجيتري انعامي رقم کي تمام وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته ميبرز مُلڪن جي فنڊنگ ۾ به اضافو ڪيوويو آهي.آءِ سي سي موجب، ميمبر مُلڪن جي بنيادي فنڊنگ سان گڏ راند ۾ حصي جي بنياد تي رقم ملندي

ان کانسواءِ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ليگز لاءِ به قانون ٺاهيا ويا آهن، ليگز انتظاميا رانديگرن جي هوم بورڊ کي فيس ڏيڻ جي پابند هوندي. ليگز ۾ پليئنگ اليون جي حوالي سان به آءِ سي سي قانون جوڙيو آهي جنهن پٽاندڙ پليئنگ اليون ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست مقامي يا ايسوسيئيٽ پليئرز جي شموليت لازمي هوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔