پرويز خٽڪ سميت پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ سينئر سياستدانن جو مسلم ليگ(ن) سان رابطن جو انڪشاف

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ سينئر سياستدانن ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن وچ ۾ رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي.

پارٽي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي اڳوڻي سينئر اڳواڻ پرويز خٽڪ جا مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت سان بيڪ ڊور رابطا ٿيا آهن ۽ مسلم ليگ(ن) جي اعليٰ قيادت پنجاب کان علاوه ٻين صوبن مان پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن جو پارٽي ۾ شموليت جي لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.

پرويز خٽڪ جي پارٽي ۾ شموليت تي(ن) ليگ جو صدر ۽ ڪي پي ڪي جو امير مقام به راضي آهي. جيڪڏهن معاملا طئي ٿي ويا ته پرويز خٽڪ شهباز شريف ۽ مريم نواز جي  موجودگي ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.

ذريعن موجب پرويز خٽڪ مسلم ليگ(ن) ۾ شامل ٿيو ته اهو پاڻ سان گڏ خيبرپختونخواهه مان پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ پاڻ سان گڏ آڻيندو. جيڪڏهن مسلم ليگ(ن) سان معاملا طئي نه ٿي سگهيا ته پرويز خٽڪ جمعيت علماءِ اسلام(ف) سميت ٻين سان معاملن کي اڳيان وڌائيندو. پرويز خٽڪ طرفان پي ٽي جي آءِ جي اندر کان پنهنجو ڌار گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

  • شيئر

توھان ھن پوسٽ کي شيئر ڪري سگھوٿا!

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔