ڌاٻيجي اسپيشل ايڪانامڪ زون منصوبي ذريعي ملڪ اندر معاشي انقلاب جي شروعات ٿي رهي آھي: بلاول ڀٽو

ڌاٻيجي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڌاٻيجي ايڪانامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، سفارتڪارن، سيڙپڪارن ۽ ٻين طرفان تقريب ۾ شرڪت ڪئي وئي.

ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن منصوبي ذريعي ملڪ اندر معاشي انقلاب جي شروعات ٺٽي ۽ ڪراچي کان ٿي رهي آھي پوري ملڪ کي معاشي ترقي ڏياري صنعتي حب بڻايو ويندو. هن منصوبي جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو

بلاول ڀٽو چيو ته تبديلي جي نالي تي اسان تباهي ڏسي چڪا آھيون ٻين ڳالهيون ڪيون پر اسان عملي طور تي ڪم ڪري ڏيکاريو آھي اڳوڻي صدر آصف زرداري گوادر پورٽ کي سي پيڪ تحت منصوبي ۾ شامل ڪيو ته کيس وڏي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر هاڻي سڀ سمجهي چڪا آھن ته سي پيڪ پاڪستان لاء ھڪ تحفو آھي

پرڏيهي وزير چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون پاڪستان ۾ پهريون صنعتي زون آھي، جيڪو سِي پيڪ جي لائين تي پورٽ قاسم ريلوي لائين، ايم نائين موٽروي ۽ قومي شاهراھ جي بلڪل ڀرسان هڪ آئيڊيل لوڪيشن تي آھي تنهنڪري هن منصوبي ذريعي ترقي جو نئون باب کُلندو ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جي مڪمل ٿيڻ سان هڪ لک 50 هزار نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملي سگهندا پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي ٻين پارٽين ۽ حڪومتن کان بهتر ۽ ڪارآمد رهي آھي جنهن جي تعريف عالمي ادارا به ڪن ٿا

پ پ چيئرمين چيو ته ايشيائي ملڪن ۾ سروي کانپوء اهو ثابت ٿيو آھي ته سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سيڙپڪاري ڪندڙ دنيا ۾ ڇهون نمبر صوبو آھي اسان ٿرڪول، ٿر بجلي گهر، ٺٽو – ڪراچي ڊبل وي روڊ ۽ جهرڪ – ملاڪاتيار پُل کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪري مثال قائم ڪري ڏيکاريو. اڳوڻو صدر آصف زرداري سي پيڪ جهڙي عظيم منصوبي جو نظريو ڏيندڙ عوامي ليڊر آھي جنهن جي چين جي دورن سان پاڪستان اندر ڪميونڪيشن انفراسٽرڪچر ۾ بهتري آئي ۽ ھاڻي سي پيڪ کي يورپ تائين چائنا کڻي ويو

بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن شھيد ڀُٽي شهيد راڻي ۽ آصف زرداري جي خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو ۽ سازشن کي رد ڪري ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جو بنياد وڌو. هن چيو ته ملڪ ۾ جلد چونڊون ٿي رهيون آھن چونڊن بعد حڪومت ٺاهي اسلام آباد توڙي عالمي سطح تي معيشيت ۽ سيڙپڪاري جي ڪاروبار کي وڌيڪ فوڪس بڻائينداسين ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لاء مختلف منصوبا شروع ڪرايا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔