وزيراعظم پاران امڪاني ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف ريسڪيو ادارن کي راوي، چناب ۽ ستلج ۾ امڪاني ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فول پروف انتظامن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب وزيراعظم طرفان اها هدايت اهڙي وقت ۾ جاري ڪئي وئي آهي جڏهن پنجاب صوبي جي مختلف شهرن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز برساتن جو امڪان آهي. جڏهن ته چناب ۽ راوي دريائن ۾ چاڙهه جو به امڪان آهي. ڇو ته ڀارت جي اترين رياستن ۾ ٿيندڙ برسات دوران ڀارت پاڻي جي نيڪال ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف وزيراعظم نارووال ضلعي جي تعلقي شڪر ڳڙهه ۾ ٻوڏ وهڪرن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت تي لڏ پلاڻ ۽ مدد تي رينجرز ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن جي خدمتن جي تعريف ڪندي امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ ماڻهن کي آگاهي ۽ وقت تي باحفاظت لڏ پلاڻ جي تيارين جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم چيو ته رينجرز ۽ ريسڪيو جي وقت تي امدادي ڪارروائي سبب عورتن ۽ ٻارن سميت درجين ماڻهن جون حياتيون بچايون ويون. پاڪستان جي فرض شناس سپوتن کي مون سميت سموري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي.

وزيراعظم ريسڪيو ادارن کي راوي، چناب ۽ ستلج درياءَ ۾ امڪاني ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فول پروف انتظامن جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

شهباز شريف امڪاني طور تي متاثر ٿيندڙ  علائقن ۾ ماڻهن کي آگاهي ۽ وقت تي باحفاظت لڏ پلاڻ جون به هدايتون ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔