ڀارت پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۾ ٻوڏ جو الرٽ جاري

ڀارت هڪ لک 85 هزار ڪيوسڪ پاڻيءَ جو هڪ وڏو وهڪرو راوي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ڇڏيو

راوي ۽ چناب درياهه سان لاڳاپيل ضلعن ۾ ٻوڏ جي خطري جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي

نارووال، حافظ آباد ۽ گجرات سوڌو درياهي ڪنارن تي واقع ضلعن ۾ فلڊ رليف ڪئمپس قائم ڪيون ويون آهن

هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا الرٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي سي گجرات جو چوڻ آهي ته هيڊ مرالا وٽ پاڻي جي آمد هڪ لک 39 هزار ۽ ڇوڙ هڪ لک 18 هزار ڪيوسڪ آهي

هن ٻڌايو ته  ڀارت جي پنجاب ۽ هماچل رياستن ۾ برساتن کانپوءِ درياهن ۾ چاڙهه تباهي مچائي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔