9 مئي واقعي تي رياست کي انصاف نه مليو ته نوازشريف کي ڪير ڏيندو: جاويد لطيف

لاهور: وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته 9 مئي جي واقعي تي رياست کي انصاف نه مليو ته نوازشريف کي انصاف ڪير ڏيندو؟ پنهنجي هڪ بيان۾ وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙ اڄ آزاد آهن، ڌرتي ماءُ کي انصاف نه ملي رهيو آهي.

هن چيو ته عدليه کي نوازشريف جي نااهلي لاءِ استعمال ڪيو ويو، ان حوالي سان انڪوائري ڪري ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي ادارن کي پاڻ احتساب ڪرڻو پوندو.

ياد رهي ته هلندڙ سال 9 مئي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج، ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏنيون هيون.

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جناح هائوس لاهور سميت فوجي ٺڪاڻن، تاريخي عمارتن، سرڪاري ملڪيتن ۽ گاڏين کي باهه ڏني هئي. اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت ٽرائل جاري آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔