جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نامزد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس سميت 9 مئي جي ٻن وڌيڪ ڪيسن ۾ نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ڪيس ۾ نون قلمن جي واڌ سان گڏ پي ٽي آءِ چيئرمين کي منصوبو تيار ڪندڙ جي طور تي نامزد ڪيو ويندو. دفاعي ۽ حساس ٺڪاڻن تي حملن جي ڪيس ۾ دهشتگردي جي ايڪٽ جا وڌيڪ قلم شامل ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. نوان قلم شامل ڪرڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جوابدار نامزد ڪيو ويندو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جي صورت ۾ حساس هنڌن تي حملن جي منصوبه بندي، ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ ۽ چڙ ڏيارڻ جا الزام لڳايا ويندا ۽ هلندڙ جاچ دوران جوابدارن جي بيانن جي روشني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نامزد ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي بطور  جوابدار نامزد ڪرڻ جو فيصلو گذريل ڏينهن ڪيو ويو هو. فيصلي کان اڳ قانوني ماهرن سان مشاورت پڻ ڪئي وئي. جي ايڇ ڪيو ڪيس آري بازار ٿاڻي جڏهن ته حساس اداري جي آفيس تي حملي جو ڪيس نيو ٽائون ٿاڻي ۾ داخل آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔