لاهور ۾ 30سالن بعد تيز برسات، پراڻا سڀ رڪارڊ ٽٽي ويا

پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ طوفاني برساتن جو 30 سالن جو ريڪارڊ ٽٽي پيو، 10 ڪلاڪن دوران 291 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ٿي آهي

شهر جا اهم روڊ رستا ۽ علائقا برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا، سڀ کان وڌيڪ برسات لاهور جي نشتر ٽائون ۾ 188 ملي ميٽر ريڪارڊ ڪئي وئي

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پاڻيءَ جي نيڪال وارن انتظامن جو جائزو ورتو

وزيراعظم شهباز شريف به ٻڏي ويل علائقن مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔