جهانگير ترين ملڪ واپسي کان پوءِ سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

لاهور: پاڪستان استحڪام پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين ملڪ واپسي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب جهانگير ترين جي سياسي رابطن کان پوءِ پنجاب  مان 30 کان وڌيڪ  اڳوڻا اسيمبلي ميمبر پاڪستان استحڪام پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندا.

ذريعن موجب جهانگير ترين ۽ عليم خان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ملاقاتون ڪندا جڏهن ته پارٽي قيادت جو خيبرپختونخواهه جي وڏي سياسي شخصيت سان به ٻيهر رابطو ٿيو آهي.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ هفتي پارٽي جي  اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽريشن به مڪمل ڪئي ويندي جهانگير ترين ۽ عليم خان جي منظوري کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏني ويندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي قيادت ميمبر سازي مهم وڏي پيماني تي شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.

استحڪام پاڪستان پارٽي جي قيادت پارٽي جي ميمبر سازي مهم کي وڏي پيماني تي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميمبر سازي جي لاءِ وڏي ڪيمپ لڳائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، مرڪزي قيادت ميمبز سازي مهم جي پاڻ نگراني ڪندي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔