اڄ کان 8 جولاءِ تائين چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد: موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ چوماسي برساتن جو سلسلو اڄ کان 8 جولاءِ تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
ان حوالي سان اين ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن ۾ آنڌاري ۽ طوفان سان گڏ برساتن جو امڪان آهي

ترجمان موجب برساتن سبب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي، جڏهن ته هيٺين علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.
اين ڊي ايم اي امڪاني برساتن کي ڏسندي لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن، انهن کي هنگامي مشينري ۽ عملي جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اين ڊي ايم اي چيو آهي ته ضلعي انتظاميا ايمرجنسي ميڊيڪل عملي جي موجودگي يقيني بڻائي، سياح ۽ مسافر سفر کان اڳ موسمي حالتن کان باخبر رهن.
هارين ۽ مالوندن کي به احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، لاڳاپيل ادارن کي چيو ويو آهي ته ٻوڏ جي خطري وارن علائقن جي رهواسين کي اڳواٽ اطلاع ڪيو وڃي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔