پي ٽي آءِ پاران پرويز خٽڪ کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو

پشاور:  پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻن چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي ڇڏڻ لاءِ ڀڙڪائڻ ۽ شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏيڻ تي مُک اڳواڻ ۽ اڳوڻي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ ۽ کيس پارٽي مان  نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پرويز خٽڪ پارٽي نوٽيس جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته مان سرڪاري ملازم نه آهيان جو شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيان مون کي شوڪاز نوٽيس جي ڪابه پرواهه نه آهي. 9 مئي جو واقعو چيئرمين جي ڪجهه ماڻهن جي مشاورت جو نتيجو آهي. عمران خان کي هميشه مثبت سياست ۽ مثبت سوچ جو درس ڏنو پر ان جي سوچ ۽ ايجنڊا ڪجهه ٻئي هئي

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي 30 کان وڌيڪ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن پرويز خٽڪ کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ امڪاني طور تي هو جلد ئي پنهنجي نئين لائحه عمل جو اعلان ڪندو

تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب طرفان جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس موجب پرويز خٽڪ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي کان ڌار ڪرڻ لاءِ رابطا ڪري رهيو آهي. پرويز خٽڪ کي نوٽيس جو جواب ڏيڻ لاءِ 7 ڏينهن جو ٽائيم ڏنو ويو پر هن جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پرويز خٽڪ چيو ته منهنجي لاءِ اهي شوڪاز نوٽيس ڪابه اهميت نٿا رکن. هن چيو ته فوجي ۽ قومي ٺڪاڻن تي منظم سازش تحت حملا ڪيا ويا. قوم فوجي ٺڪاڻن تي ڪيل حملن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پارٽي چيئرمين کي هميشه مثبت سوچ ۽ مثبت سياست جو درس ڏنو پر ان جي سوچ ڪجهه ٻئي هئي پارٽي جي اڳوڻن ميمبرن سان رابطا جاري آهن.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع نه ڪرائڻ تي اڳوڻي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي بنيادي ميمبر شپ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جو باضابطه اعلان هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔