آدمشماري بابت اليڪشن ڪميشن جي وضاحت

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آدمشماري جي حوالي سان ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب آدمشماري جي حوالي سان ڪميشن جي ڪا ميٽنگ ناهي ٿي  نه وري آدمشماري جو موضوع ڪميشن جي ڪنهن به اجلاس ۾ بحث هيٺ آيو آهي

ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آئين ۽ قانون جي پابندي آهي ۽ پنهنجا سمورا فيصلا ۽ ذميداريون آئين ۽ قانون تحت ئي سرانجام ڏيندي آهي

واضح رهي ته خبرون هلي رهيون هيون ته اليڪشن ڪميشن آدمشماري جي حوالي سان خدشن جو جائزو وٺڻ بعد اهم فيصلو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔