آءِ ايم ايف معاهدي جا اثر: پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ واڌ، سرمائيڪارن جو ڀروسو وڌڻ لڳو

ڪراچي:عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان ڊيل ٿيڻ کان پوءِ سرمائيڪارن جو ڀروسو بحال ٿيڻ لڳو. مارڪيٽ کلندي ئي اسٽاڪ مارڪٽ ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي.

عيدالاضحيٰ جي موڪلن کان پوءِ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي تيزي ڏٺي وئي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي کان پوءِ ڪاروبار کي هڪ ڪلاڪ لاءِ روڪيو ويو جنهن کان پوءِ ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي.

ڪاروبار دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هيٺ مٿانهين جو سلسلو جاري آهي. 2 هزار 372 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 100 انڊيڪس 43 هزار 825 پوائنٽس جي سطح تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.

هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ۾ تيزي سبب ڪاروبار کي هڪ ڪلاڪ لاءِ روڪيو ويو هو.  5 سيڪڙو اپرڪيپ ميڪانزم سبب ٽريڊنگ روڪي وئي، ڇو ته اهو قانون آهي ته جيڪڏهن هڪ خاص سيڪڙو مارڪيٽ ۾ لاٿ يا وڌي ته ڪاروبار هڪ ڪلاڪ لاءِ معطل ڪيو ويندو آهي.

ياد رهي ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان سان اسٽاڪ ليول معاهدو ڪري ورتو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 3 ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جو معاهدو ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔