ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند، گرميءَ سبب شهري بي حال

ڪراچي :ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو دورانيو 14 ڪلاڪن تائين پهچي ويو ۽ لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ وارن علائقن ۾ به 4 کان 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

ڪراچي جي علائقي لياري، اولڊ سٽي ايريا، ڪياماڙي، ڪورنگي، اورنگي، لانڍي، سهراب ڳوٺ، سرجاڻي ٽائون، ملير ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

ان کانسواءِ نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، گارڊن، لياقت آباد، قائد آباد، ايف بي ايريا، محمود آباد سميت مختلف علائقن ۾ بجلي جي اک ٻوٽ جاري آهي ۽ سخت گرمي سبب شهري سخت تڪليف ۾ آهن.

ڪي اليڪٽرڪ طرفان مينٽيننس ۽ ٽيڪنيڪل فالٽس جي نالي تي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي.

هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ ترجمان چيو آهي ته شهر ۾ لوڊشيڊنگ جي دورانيي ۾ ترميم ناهي ڪئي وئي، لوڊشيڊنگ جو شيڊيول ڪي اليڪٽرڪ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.

ترجمان چيو ته لوڊشيڊنگ جي دورانيي جو دارومدار بجلي چوري ۽ نقصانن جي شرح تي آهي، علائقائي فالٽز کي لوڊشيڊنگ سان ڀيٽ ڏيڻ درست ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔