وفاقي حڪومت جو انساني سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ اهم فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت اينٽي هيومن سمگلنگ ۽ ٽريفڪنگ ايڪٽ 2018 ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو.
يونان ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جي واقعي کانپوءِ وفاقي حڪومت طرفان اهم فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت اينٽي هيومن سمگلنگ ۽ ٽريفڪنگ ايڪٽ 2018 ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ تجويز ڪيل ترميم ۾ انساني سملنگ ۽ ٽريفڪنگ ضمانت نه ٿيڻ جوڳو ڏوهه هوندو.
ذريعن موجب انساني سمگلنگ ۽ ٽريفڪنگ ۾ ملوث ماڻهن جا بئنڪ اڪائونٽ ۽ اثاثا منجمد ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔