عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ڪرپشن جي معاملي ۾ وڏو ريليف ملي ويو

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي القادر ٽرسٽ جي 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ وڏو ريليف ملي ويو آهي. احتساب عدالت 4 جولاءِ تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان القادر ٽرسٽ جي 190 ملين پائونڊ جي معاملي ۾ احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پيش ٿيو.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ چيئرمين جي عبوري ضمانت ۾ 4 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خواجه حارث جڏهن ته پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي ۽ سهيل عارف به عدالت جي آڏو پيش ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔