خيبرپختونخواهه: پشاور سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات، 7 ڄڻا فوت

پشاور: خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن ۽ طوفان سبب پوندڙ برسات دوران مختلف حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

خيبرپختونخواهه جي شهرن پشاور، بنون، لکي مروت، ڊي آءِ خان ۽ مانسهره ۾ تيز طوفاني برسات سبب ڇتون ۽ ڀتيون ڪرڻ جا واقعا پيش آيا جن ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 71 زخمي ٿي پيا.

موسميات کاتي موجب اڄ خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ ڪشمير ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.

ٻئي طرف لاهور جي مختلف علائقن ۾ تيز طوفاني هوائن سان برسات پئي جنهن دوران ڀت ڪرڻ سبب عورت فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هوڏانهن جهلم، گجرات، گوجرانوالا، ظفروال ۽ حافظ آباد ۾  به برسات پئي جنهن سبب هر طرف پاڻي بيهي رهيو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔