بلاول جي وارننگ: وزيراعظم طرفان سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 25 ارب رپين جي منظوري

بلاول ڀٽو زرداري جي وارننگ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ 25 ارب روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

 ذريعن موجب منظوري ڏنل رقم سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ تي خرچ ٿيندي، وزيراعظم جمعي ڏينهن پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات دوران فنڊز جي فراهميءَ جي خاطري ڪرائي هئي

 بلاول ڀٽو زرداري سوات ۾ جلسي کي خطاب دوران خبردار ڪندي چيو هو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ پئسا نه مليا ته پيپلزپارٽي وفاقي بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏيندي

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مون اڳ ئي چيو هو ته حڪمران اتحاد پي ڊي ايم وکري رهيو آهي، بلاول جي خدشن سان ان جي شروعات ٿي چڪي آهي، سنڌ جي باري ۾ بلاول ٺيڪ ٿو چوي، بجيٽ ۾ سنڌ جي لاءِ پئسا رکڻ جو ذڪر ڇو نه ڪيو ويو؟

تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي اسلام آباد جي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يونان جي ٻيڙي واري سانحي تي وزيراعظم سوڳ جو اعلان ڪري سٺو ڪم ڪيو، انڪوائري ڪميشن جوڙڻ به درست قدم آهي

هن چيو ته سانحي تي ٽن ڏينهن کان پرڏيهي وزارت خاموش آهي، پرڏيهي وزارت کي فوتي پاڪستانين جي خاندانن سميت قوم کي سانحي جا تفصيل ٻڌائڻ گهرجن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔