ٻه ڏينهن مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ اڄ سون سستو

ڪراچي: ملڪ ۾ 2 ڏينهن واڌ کانپوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1700 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 21 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1458 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 90 هزار 72 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر گهٽجڻ سان 1958 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔