16 ورهين جي ڇوڪري 172 ڪلاڪ رقص ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري لاڳيتو 172 ڪلاڪ ڊانس ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
16 ورهين جي سروشتي سڌير جگتب هر هڪ ڪلاڪ کان پوءِ رڳو 5 منٽ آرام ڪيو ۽ ائين لاڳيتو 172 ڪلاڪ نچندي رهي. هن پنهنجي اسڪول جي آڊيٽوريئم۾ 29 مئي جي صبح جو ڊانس جي شروعات ڪئي جيڪا 3 جون جي ٻيپهري تائين جاري رهي. اهڙيءَ طرح هوءَ موسيقي تي لاڳيتو 172 ڪلاڪن تائين ڊانس ڪندي رهي.
سروشتي سڌير جگتب ڪٿڪ ڊانس جي چونڊ ڪئي هئي جيڪا هڪ مشهور ڊانس پڻ آهي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ کيس ڊگھي ترين ڊانس ميراٿن جو نالو ڏنو آهي. ان کان اڳ نيپالي ڊانسر، بندنا سال 2018ع ۾ لاڳيتو 126 ڪلاڪن تائين ڊانس ڪئي هئي. ان کان پوءِ هاڻ اهو اعزاز سروشتي سڌير جگتب جي نالي آهي.
رقص دوران سروشتي شروع ۾ گھڻي تيز هئي جڏهن ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هو شديد ٿڪ ۽ ٻار محسوس ڪرڻ لڳي.
سروشتي موجب هو لاڳيتو 15 مهينن کان ان مقابلي جي تياري ڪري رهي هئي. پر يوگا جي هڪ ڀارتي طريقي ”ندرايوگا“ جي به ماهر آهي. ان ۾ جسم جي ننڊ کي دماغي ڊيلٽا موجن سان قابو ڪيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔