ڪراچي جو ميئر ڪير ٿيندو؟ چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري

ڪراچي: ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ پيپلز پارٽي جي مرتضيٰ وهاب ۽ جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.

ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم کي پولنگ اسٽيشن جو قرار ڏنو ويو آهي. جتي تقريبن 303 چونڊيل ماڻهو موجود آهن.

پولنگ هال ۾ داخلا جي لاءِ صبح ساڍي 10 وڳي جو وقت رکيو ويو هو. ميمبرن جي سڃاڻپ لاءِ آرٽس ڪائونسل جي ٻاهران 4 ڪائونٽر بنايا ويا آهن. چونڊيل نمائندن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ کان پوءِ ووٽنگ ڪارڊ جاري ٿيندو. آرٽس ڪائونسل ۾ ميمبرن جي موبائيل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي.

ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد آهي ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي کي پي ٽي آءِ جي ناراض چيئرمينن جي حمايت حاصل آهي. اهڙي صورتحال ۾ نمبرگيم جي هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔