افواهه حقيقت ۾ تبديل، تمنا جي وجي سان لاڳاپن جي تصديق

ممبئي: ڀالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا تمنا ڀاٽيه پنهنجي ساٿي اداڪار وجي ورما سان لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته تمنا ڀاٽيه ۽ وجي ورما ۾ ويجهڙائپ تمام گهڻي وڌي وئي آهي ۽ ٻنهي ۾ گهرائپ ۾ گهڻو اضافو اچي ويو آهي

جنهن کانپوءِ اداڪارا تمنا پاڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي ته منهنجي ۽ وجي وچ ۾ دوستي هئي جيڪا هاڻي ويجهن لاڳاپن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔